قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون احتجاجي

نوابشاهه(رپورٽ :دانش حيدر)  قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف ايڊمن بلاڪ جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، انھيءَ موقعي تي شاگردن سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن، سڄي سنڌ جون يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي ٿي، ھنن چيو ته اسان کان پھريان جيڪي آن لائين ڪلاس ورتا ويا انھن جا آن لائين امتحان ورتا وڃن ۽ ھن وقت اسان کي ريگيولر پڙھائي وڃي ۽ اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، شاگردن مطالبو ڪيو ته اسان جو جائز مطالبا تسليم ڪري اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

18 آڪٽوبر وارو سانحو شھيدن جو ڏھاڙو آھي، اسان جا لکين ڪارڪن ان ڏھاڙي تي جلسي ۾ شرڪت ڪندا: نثار کهڙو

Read Next

اسان مختلف يونين ڪائونسلن جا سوين ووٽر آهيون جيڪي اڄ اجتماعي طور تي عهدن ء بنيادي ميمبر شپ تان استعيفائون ڏيون ٿا

Most Popular