راڻيپور ۾ MCBبينڪ ملازمن جو واپارين سان ظلم ناانصافي خلاف واپارين جو بينڪ آڏو احتجاجي مظاهرو

راڻيپور رپورٽر:منٺار علي ڊومڪي  راڻيپور ۾ MCBبينڪ ملازمن جو واپارين سان ظلم ناانصافي خلاف واپارين جو بينڪ آڏو احتجاجي مظاهرو ٽن مهينن کان ننڍي ڪيش نه ٿي ورتي وڃي لکين روپيه جمع ٿي ويا آهن ملازم بدڪلامي ڪن ٿا هٽائڻ جو مطالبورپورٽ موجب:راڻيپور ۾ ڪرياني جي واپارين مسلم ڪمرشل بينڪ آڏو هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي رميز ميمڻ ,قربان شيخ,حاجي احسان الله شيخ,حڪيم ميمڻ,حاجي محمد شيخ,فيضان علي,برڪت خاصخيلي ,اشتياق جوڻيجو جي اڳواڻئ ۾ هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين آڏو داهيندي چيو ته اسان ڪرياني جا ننڍا ننڍا واپاري آهيون جنهن سبب ڏھ ۽ ويھ روپين جا نوٽ جمع ٿيندا آهن جيڪي لکين روپيه ٿي ويا آهن بينڪ جي قانون ۾ آهي ته لاپارين کان ننڍي ڪيش وٺڻ جا پابند آهن پر گذريل ٽن مهينن کان ننڍا نوٽ نٿا ورتا وڃن جنهن لاء صرف آسرو ڏنو ويندو آهي سڀاڻي اچجو وري موٽائي ڇڏيندا آهن جيڪا ٽن مهينن ۾ جمع ٿيل ڪيش لکين روپيه ٿي وئي آهي اسين مجبور آهيون ته جمع ٿيل ڪيش ڪيڏانهن ڪيون ۽ ڪٿي جمع ڪري رکون اهڙي دانهن بينڪ مئنيجر ربنواز ملاح ۽ آپريشن مئنيجر سارنگ ڦل کي به ڪيئي دفعا ڏني آهي ۽ هاڻي هنن ڪيش وٺڻ بدران واپارين کي ٿاڻي ۾ ٻڌرائي ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين ۽ بدڪلامي پڻ ڪئي وئي هنن چيو ته واپاري طبقو عزتدار آهي جنهن جي ڏيتي ليتي تي شهر ۽ بينڪن جو ڪاروبار هلي رهيو آهي واپارين کي عزت ڏيڻ بجائي MCB جو نااهل عملو ذليل ۽ پريشان ڪري رهيو آهي هنن MCB جي اعلئ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي واپارين کي انصاف ڏيئي نااهل عملي کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ شهر ۾ هر طبقي جو واپار ڪندڙ سوين ماڻهون گڏ ٿي هڙتال ڪري بينڪ آڏو ويهي رهندا

Read Previous

يونيورسٽي اندر مختلف سيڪشنز جي ڪمن ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي ته جيئن استادن، شاگردن سان گڏ معاشري جي مختلف حصن جا وقت سر مسئلا حل ڪجن : عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر

Read Next

ميرپورخاص۾ آٽا چڪي ايسوسي ايشن جي اگواڻن طرفان احتجاج ڪيو ويو

Most Popular