يونيورسٽي اندر مختلف سيڪشنز جي ڪمن ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي ته جيئن استادن، شاگردن سان گڏ معاشري جي مختلف حصن جا وقت سر مسئلا حل ڪجن : عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر فنانس، ڪنٽرولر امتحانات (اينيول ۽ سيميسٽر)، انسپڪٽر آف ڪاليجز، انچارج آن لائن سسٽم، انتظامي آفيسرن، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ورڪس، ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊيولپمنٽ، ايگزيڪيوٽو انجينئر ورڪس ۽ ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ۽ آئي ٽي مينيجر سان الڳ الڳ اجلاسن جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد يونيورسٽي اندر مختلف سيڪشنز جي ڪمن ۾ بهتري ۽ شفافيت آڻڻ آهي ته جيئن استادن، شاگردن سان گڏ معاشري جي مختلف حصن جا وقت سر مسئلا حل ڪجن. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فنانس نثار احمد نوناري ڄاڻ ڏني ته يونيورسٽي سان لاڳاپيل چند لا ڪالجين جي شاگردن جي ايليجيبليٽي فيس رهيل آهي. ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو وائيس چانسلر کي آگاهي ڏني ته سندس آئي ٽي مينيجر، ڊائريڪٽر فنانس، انسپيڪٽر آف ڪاليجز سان رابطو آهي ته جيئن امتحاني شرستي کي پر اثر بڻائجي. انسپيڪٽر آف ڪاليجز نظير احمد منڱڻيجو چيو ته لا ڪاليجن جي امتحان منعقد ڪرڻ کان اڳ اهل اميدواران جي لسٽ ڪنٽرولر امتحان جمع ڪرائندو، جيئن انهن جا ڪاغذات، امتحاني ۽ انرولمنٽ فيس جو جائزو وٺي سگھجي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پنهنجي سربراهي ۾ امتحاني سيل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ انسپيڪٽر آف ڪاليجز، آئي ٽي مينيجر، ڊائريڪٽر ايڊميشن ميمبر هوندا. سيل جو مقصد موثر امتحاني سرشتي، شفافيت جي عنصر کي برقرار رکڻ ۽ وقت سر امتحان منعقد ڪرائڻ ۽ وقت سر نتيجا پڌرا ڪرڻ آهي. جڏهن ته ٻيون اجلاس پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ورڪس انجينئر غلام اصغر شيخ، ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊيولپمنٽ محمد حسن هاليپوٽو، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل انجينئر غلام مجتبيٰ عباسي ۽ ايگزيڪيوٽو انجينئر فيض محمد شيخ سان منعقد ٿيو. ان موقعي تي غلام اصغر شيخ وائيس چانسلر کي آگاهي ڏني ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان اڪيڊمڪ بلاڪ تعمير ٿي چڪو آهي جنهن ۾ مٺي ۽ صاف پاڻي پيئڻ لاءِ آر او پلانٽس جا روم پڻ تيار ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيمپس تي رهيل خار دار تارون لڳائڻ جو ڪم شروع آهي جيڪو 15 ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو. اجلاسن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز ۽ مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار شرڪت ڪئي.

Read Previous

خيرپور : پيار جو پرڻي تان ٻن جوڙن خلاف بااثر وڏيري پاران جرڳو ٻنهي جوڙن کي ڪارو قرار جي فتويٰ جاري

Read Next

راڻيپور ۾ MCBبينڪ ملازمن جو واپارين سان ظلم ناانصافي خلاف واپارين جو بينڪ آڏو احتجاجي مظاهرو

Most Popular