دولت جو حوس رت جي رشتن تي حاوي ٿي ويو. ڀاءُ ھٿان ڀاءُ مارجي ويو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي )دولت جو حوس رت جي رشتن تي حاوي ٿي ويو. ڀاءُ ھٿان ڀاءُ مارجي ويو.
چلڊرين پارڪ مان ڪالھ ھٿ آيل نوجوان عارف چنا جي قتل جي جاچ ۾ قاتل سندس سڳو ڀاءُ نڪتو،اي ايس پي سانگهڙ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته قاتل پئسن جي تنگي جي ڪري ڀائرن ۽ پيءُ کي تنگ ڪندو هو . پيءُ کيس ٻه لک اڳ به ڏئي چڪو ھوپيءُ کي مارڻ لاءِ ڀريا سٽي مان آيو هئسڻ نه ملڻ تي ڀاءُ کي قتل ڪيم ، جوابدار جو پوليس آڏو اقرارتفصيلي خبر موجب سانگهڙ شھر جي چلڊرن پارڪ ماري اڇلايل نوجوان جي لاش ملڻ کانپوءِ پوليس سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو. پريس ڪانفرنس ڪندي اي ايس پي سانگهڙ ٻڌايو ته پوليس لاش ملڻ کانپوءِ فوري جاچ شروع ڪري ڏني ھئي ڪجھ اھڙا ھنٽس مليا ھئا جن جي پوئواري ڪندي اصل جوابدارن تائين پھچڻ ۾ دير نه ٿي، جوابدار کي ڀريا سٽي مان گرفتار ڪري ورتو جنهن جاچ دوران اقرار ڪيو ته ھن پئسن جي تنگي جي ڪري پيء پاران گھربل پئسا نه ڏيڻ تي کيس قتل ڪرڻ جو سٽاءَ سٽيو ھو پر اھو ھٿ نه اچي سگهيو ته ڀاء عارف چنا کي فريب ۾ وٺي اچي قتل ڪيم ، آصف چنا ۽ قتل ۾ سندس ساٿ ڏيندڙ سندس دوست محمود چنڙ وٽان مقتول جو گم ٿيل موٽر سائيڪل ۽ کيسي مان کنيل پنج ھزار روپيا بہ بر آمد ڪيا آهن.

Read Previous

سانگهڙ عارف چني جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي پوليس ڪارروائي ڪري 12 ڪلاڪن ۾ قاتل گرفتار ڪري ورتا

Read Next

صحت واري سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي سنڌ نرسنگ امتحاني بورڊ جي ڪنٽرولر آفيس جو دورو ڪيو

Most Popular