صحت واري سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي سنڌ نرسنگ امتحاني بورڊ جي ڪنٽرولر آفيس جو دورو ڪيو

ڪشمور (رپورٽ اعجاز احمد چن )صحت واري سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي سنڌ نرسنگ امتحاني بورڊ جي ڪنٽرولر آفيس جو دورو ڪيو جتي ھن موڪل واري  ڏينهن آچر تي ڊپٽي ڊائريڪٽر نرسنگ خيرالنساء کي ڪم ڪندي ڏسي متاثر ٿيو ۽ هن جي تعريف ڪندي چيو ته توهان وانگر محنتي آفيسر گهٽ ئي ڏٺا ويندا آهن. نرسنگ ڪنٽرولر خيرالنساء سيڪريٽري صحت جي رھنمائي ڪندي ، نرسنگ امتحانن بورڊ جا سمورا معاملا بيان ڪيا ، ڪئين امتحانات ڏنا ويندا آهن ۽ ڪهڙو طريقيڪار ھوندو  آهي،  اُن موقعي تي اسسٽنٽ ڪنٽرولر نومي وقاص گُل پِڻ موجود ھو جنھن کان پوءٍصحت واري سيڪريٽري ڪاظم حسين جتوئي نرسنگ بورڊ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر خيرالنساء ۽ اسسٽنٽ ڪنٽرولر نومي وقاص جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان کي اهڙن اعزازي آفيسرن جي سخت ضرورت آهي ، اهڙن محنتي آفيسرن کي سنڌ جو قومي سرمايو چیو ویندو آهي

Read Previous

دولت جو حوس رت جي رشتن تي حاوي ٿي ويو. ڀاءُ ھٿان ڀاءُ مارجي ويو

Read Next

موٽر وي ريپ ڪيس جو مرڪزي جوابدار عابد فيصل آباد مان گرفتار

Most Popular