نوازشريف پاران لاڪ ڊائون قانون جي ڀڃڪڙي: لنڊن پوليس تفصيل گهري ورتا

لنڊن:   نوازشريف طرفان لاڪ ڊائون قانون جي مبينه ڀڃڪڙي تي لنڊن پوليس هڪ شهري کان تفصيل گهري ورتا.  سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي هڪ صارف بليو  آن بليو  گذريل  ڏينهن هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏ بائيڊپارڪ ۾ واڪ ڪري رهيو هو. هن وڊيو تي ريڊئينٽ ميٽرو پوليس جو ڌيان ڇڪرائيندي لکيو آهي ته هي ماڻهو 6 ماڻهن جي اصول ۽ ماسڪ جي پابندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن.  جنهن کان پوءِ ميٽرو پوليٽن پوليس نوٽيس وٺندي مذڪوره صارف کي چيو آهي ته هو سڌو سنئون پيغام موڪلي اسان کي  وڌيڪ تفصيل فراهم ڪري.

Read Previous

ڪراچي ۾ بجلي جي ورهاست ممبئي مان ڪنٽرول ٿي رهي آهي: چيف جسٽس

Read Next

احتساب عدالت شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي

Most Popular