احتساب عدالت شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي

لاهور:   احتساب عدالت  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي جسماني رمانڊ ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي.  لاهور جي احتساب عدالت ۾ شريف خاندان جي خلاف مني لانڊنگ ريفرنس جي ٻڌڻي جنهن ٿي. جنهن سلسلي ۾ نيب اختيارين اپوزيشن اڳواڻ ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت مني لانڊنگ ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ شهباز شريف جي پٽ سلمان شهباز کي ٻيهر 27 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف جي جسماني رمانڊ جي نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نيب اختيارين اپوزيشن اڳواڻ جي  15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر عثمان جي راشد ۽ عاصم ممتاز دليل ڏيندي چيو ته جاچ دوران شهباز شريف پرڏيهه ۾ پنهنجي  ملڪيت جو اڃان تائين رڪارڊ ناهي ڏنو. پرڏيهه ۾ رقم ٻه مهينا اڳ تائين اڪائونٽس مان پرڏيهه منتقل ٿيندي رهي. شهباز شريف گذريل 6 مهينن جو رڪارڊ نيب جي حوالي ڪري پر هو 6 مهينن جو رڪارڊ نيب کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٻڌڻي دوران شهباز شريف ڪٽهري ۾ اچي پنهنجي حق ۾ دليل ڏيندي چيو ته 2005 ۾ مان پهرين پراپرٽي ٻاهر خريد ڪئي مان ڪينسر جو علاج ڪرائڻ ويندو آهيان. منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان جي لاءِ آهي ان لاءِ 2004 ۾ پاڪستان آيو هئس. عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهباز شريف جو ٻيهر رمانڊ ڪهڙي بنياد تي  گهرجي. جڏهن شهباز شريف اوهان کي سوالن جا جواب نٿو ڏئي ته جوابدار پنهنجو نقصان پاڻ ڪندو. نيب جي جاچ آفيسر چيو ته اسان کي سوال ڪرڻو آهي ته اها رقم ڪهڙن ذريعن سان ٻاهر ويندي رهي. شهباز شريف ان سوال جو جواب نٿو ڏئي ته اسان ڪجهه رڪارڊ سامهون رکنداسين. جنهن کان پوءِ عدالت نيب پراسيڪيوٽر ۽ شهباز شريف جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي اپوزيشن اڳواڻ جي جسماني رمانڊ ۾ 20 آڪٽوبر تائين 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

Read Previous

نوازشريف پاران لاڪ ڊائون قانون جي ڀڃڪڙي: لنڊن پوليس تفصيل گهري ورتا

Read Next

موٽر وي زيادتي ڪيس: جوابدار عابد ملهي چوڏنهن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل حوالي

Most Popular