خيرپور : کهڙا ۾ چاچي پاران يتيم ڀائٽي کي زبردستي پٽ سان پرڻائڻ جي ڪوشش، انڪار تي اغوا ۽ قتل جون ڌمڪيون

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ) گمبٽ تعلقي جي علائقي کهڙا ۾ چاچي پاران يتيم ڀائٽي کي زبردستي پٽ سان پرڻائڻ جي ڪوشش، انڪار تي اغوا ۽ قتل جون ڌمڪيون، خبر موجب گمبٽ تعلقي جي علائقي کهڙا جي رهواسين خيرپور ۾ عورتن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم احساس وومين آرگنائيزيشن پهچي اخبار وارن آڏو دانهيندي مسمات منظوران ٻڌايو ته ضمير اڄڻ پنهنجي يتيم ڀائٽي 8 سالن جي زاهده اڄڻ کي پنهنجي 16 سالن جي پٽ سان زبردستي شادي ڪرائڻ چاهي ٿو، اسان جي انڪار تي هو اسان کي اغوا ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏئي ٿو، مسمات منظوران ٻڌايو ته ضمير اڄڻ گذريل ٻن سالن کان حراسان ڪري رهيو آهي، کهڙا پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس ڪوبه تدارڪ نٿي ڪري، هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ضمير اڄڻ خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ ڦلو ٿاڻي جي منشيات ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت، ساڍا چار سال قيد ۽ ويهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا

Read Next

سندن لاءِ زرعي معاملن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سروري جماعت جي بزرگ محمد عرس ڪوري جي لاڏاڻي تي سندس پٽ محمد ايوب ڪوري سان تعزيت

Most Popular