خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ ڦلو ٿاڻي جي منشيات ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت، ساڍا چار سال قيد ۽ ويهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا

خيرپور (ڊر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ ڦلو ٿاڻي جي منشيات ڪيس جي ٻڌڻي، جوابدار مٿان ڏوهه ثابت، ساڍا چار سال قيد ۽ ويهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا، خبر موجب خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي اسپيشل جج گل ضمير سولنگي جي عدالت ۾ ڦلو ٿاڻي جي پوليس هٿان هڪ سال اڳ ٻه ڪلو چرس هٿ اچڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جنهن دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل امتياز ولد محمد صادق لولائي مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس ساڍا چار سال قيد بامشقت ۽ ويهه هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جنهن کي پوليس سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار پنج مهينا وڌيڪ قيد ڀوڳيندو.

Read Previous

راڻيپور ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج پري پري کان ايندڙ مريض پريشان

Read Next

خيرپور : کهڙا ۾ چاچي پاران يتيم ڀائٽي کي زبردستي پٽ سان پرڻائڻ جي ڪوشش، انڪار تي اغوا ۽ قتل جون ڌمڪيون

Most Popular