تحريڪ شروع ٿي وئي، هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

چارسده: جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان پنهنجي تحريڪ کي آخري حد تائين پهچائي ساهه کڻنداسين ۽ انشاءَالله هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين. چارسده ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ڌانڌلي  ذريعي چونڊجي آيل حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڀ هڪ پليٽ فارم تي آهيون.  موجوده حڪمرانن پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪمرانن غريب ماڻهو جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي. عوام مهانگائي سبب پريشان آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته توهان جي ڪرسي جي ڪابه حيثيت ناهي. اسان توهان جي حڪمراني کي رد ڪريون ٿا. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته 16 آڪٽوبر تي گوجرانواله ۾ عوام جو سمنڊ هوندو. پي ڊي ايم سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. انشاءَالله هنن کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين.  هن چيو ته اسان آئين ۽ قائون جي دائري ۾ رهي وڙهڻ چاهيون ٿا. تحريڪ شروع ٿي وئي آهي هاڻ منزل تي وڃي بيهنداسين ۽ هن تحريڪ کي آخري منزل تائين پهچائي سک جو ساهه کڻنداسين.

Read Previous

مورو : ڳوٺ نيو لغاري بجراڻي پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر ۽ شاگردن تي بااثر ماڻھن جو حملو شاگرد ۽ استادن کي مار ڪٽ ڪري اسڪول مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو

Read Next

ڪوئٽه ۾ اسمنگلي روڊ تي ڌماڪي سبب ڇهه ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

Most Popular