ڪوئٽه ۾ اسمنگلي روڊ تي ڌماڪي سبب ڇهه ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

ڪوئٽه:  بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽه جي اسمنگلي روڊ تي ڌماڪي سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو  پيو وڃي ته ڪوئته جي اسمنگلي روڊ تي واقع ڪڊني سينٽر جي ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن  سبب ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي جي خبر ملندي ئي سيڪيورٽي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن. واري واري جڳهه کي گهيري  ناڪابندي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي ٽيمون به طلب ڪري ورتيون آهن. پوليس ذريعن موجب نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن تعمير هيٺ پل تي ڪم ڪندڙ مزدورن تي دستي بم اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ پنج مزدور ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي پر اڃان تائين ڪنهن به ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

Read Previous

تحريڪ شروع ٿي وئي، هن حڪومت کي ڊسمبر ڏسڻ نه ڏينداسين: مولانا فضل الرحمان

Read Next

بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular