ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستان ڇڏي جاپان منتقل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: :  مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا چيو آهي ته مان پاڪستان ڇڏي جاپان منتقل ٿي رهي آهيان.  پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تي سڀني کان وڌيڪ 10 ملين(هڪ ڪروڙ) فالورز رکندڙ ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا هن وقت جاپان ۾ آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ جاپان ۾ انجواءِ ڪري رهي آهي. جاپان ۾ هجڻ جي باوجود جنت مرزا پاڪستان ۽ پاڪستانين کان غافل ناهي هن پنهنجي تصويرن جي ذريعي ماڻهن کي پنهنجي ٽرپ  بابت لاڳيتو آگاهه رکيو آهي.  گذريل ڏينهن جنت مرزا سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي ماڻهن جي سوالن جا جواب ڏنا. ان دوران مسڪان نالي عورت هن کان پڇيو ته اوهان جاپان شفٽ ٿي رهيون آهيو ڇا؟ ان سوال جي جواب ۾ جنت مرزا مختصر جواب ڏيندي چيو.(جي). جنت جي اهڙي مختصر جواب کان پوءِ سندس مداح ڪافي پريشان ٿي ويا. هڪ صارف هن کان پڇيو ته اوهان ڇو جاپان شفٽ ٿي رهيون آهيو.؟   جنت مرزا ان صارف جو جواب ڏيندي چيو  ته پاڪستان تمام گهڻو پيارو ملڪ آهي پر پاڪستان جي ماڻهن جي ذهنيت سٺي ناهي. جنت مرزا پنهنجي جواب جي وڌيڪ وضاحت ناهي ڪئي. واضح رهي ته پي ٽي اي وڊيو شيئرنگ چيني ايپ ٽڪ ٽاڪ تي غيراخلاقي ۽ نامناسب مواد نه هٽائڻ سبب پاڪستان ۾ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي جنت مرزا ٽڪ ٽاڪ تان ئي مشهور ٿي آهي ۽ هن وقت ان جا سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي ڪنهن به وڏي فنڪار کان وڌيڪ فالوورز آهن  جنهن جو انگ هڪ ڪروڙ آهي.

Read Previous

سلينا گومز ڪورونا وائرس دوران ڊپريشن جي شڪار ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو

Read Next

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي چوڏنهن مهينن کان پوءِ آزاد

Most Popular