سلينا گومز ڪورونا وائرس دوران ڊپريشن جي شڪار ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو

نيويارڪ: :  آمريڪي گلوڪاره ۽ اداڪاره سلينا گومز ڪورنا جي دوران ڊپريشن جي شڪار ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.  ميڊيا رپورٽ موجب ڊاڪٽر ويويڪ مورثي سان ڳالهائيندي 28 ساله گلوڪاره اڪيلائي ۽ انساني رابطي جي طاقت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته هي سال ان لاءِ چيلنجنگ  رهيو  وبا جي شروعات وارن ڏينهن ۾ هن وبا کي صحيح طريقي سان سمجهي نه سگهيس ۽ هڪ طرح جي ڊپريشن ۾ هلي وئي هئس. سلينا گومز  هن وائرس کي قابو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ جا صحتمندانه طريقا ٻڌايا.  اداڪاره چيو ته هاڻ مان ڊپريشن کان ٻاهر نڪري آئي آهيان ۽ مرض ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو جيڪو ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري هو. سيلينا جو چوڻ هو ته مان قرنطينه جي دوران وڌيڪ وقت باورچي خاني ۾ گذاريو هو. سلينا گومز وڌيڪ چيو ته سڀني کي اها خبر آهي ته  مان کائڻ پيئڻ جي تمام گهڻي شوقين آهيان ان ۾ مختلف موقعن تي ڪيريئر بابت سوال ڪيا ويا ته ان جو هڪ ئي جواب هو ته جيڪڏهن مان ايڪٽر نه هجان ها ته هڪ شيف ضرور ٿيان ها.  هن چيو ته کاڌا پچائڻ جي مون ڪابه ٽريننگ ناهي ورتي. لاڪ ڊائون جي دوران اسان جو گهڻو وقت باورچي خاني ۾ ئي گذريو جنهن سبب ڪوڪنگ ۾ تمام گهڻي مهارت حاصل ڪئي. واضح رهي ته سيلينا جي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ هن ڪوڪنگ جي دوران ٿيندڙ غلطيون به پنهنجي مداحن کي ڏيکاريون آهن.

Read Previous

افغان آرمي جا ٻه جنگي جهاز اڏام دوران پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه، نو اهلڪار اجل جو شڪار

Read Next

ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا پاڪستان ڇڏي جاپان منتقل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular