جوبائيڊن جي پاليسي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي: ڊونلڊ ٽرمپ

Trump

واشنگٽن::   آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جوبائيڊن جي پاليسي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي.  پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آمريڪي صدر چيو آهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو اميدوار جوبائيڊن غيرقانوني  پرڏيهين کي قانوني قرار ڏيڻ چاهي ٿو ۽ جوبائيڊن جي اها پاليسي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڊرگ ڪمپنيون مون سان تمام گهٻي محبت ڪن ٿيون ۽ هي چونڊون انتهائي اهميت جوڳيون آهن.  واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي چونڊ مهم ۾ مصروف ٿي ويو آهي. گذريل ڏينهن ان جو چوڻ هو ته مان آمريڪا کي دنيا جي فضول جنگين کان ٻاهر ڪڍندس.

Read Previous

والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي چوڏنهن مهينن کان پوءِ آزاد

Read Next

بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

Most Popular