بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تائين ڪپتان برقرار رکڻ جو فيصلو

لاهور: :  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ محدود اوورن جي ڪرڪيٽ لاءِ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي تائين ڪپتان  برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ سال مئي ۾ بابر اعظم کي هڪ سال جي لاءِ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو هو ۽ پوءِ نومبر ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ٻين ٽيمن جي خلاف شيڊول سيريز ۾ ان جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ان کي ڪپتان برقرار رکڻ يا نه رکڻ جو فيصلو ڪرڻو هو.  عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب هاڻ نومبر ۾ آسٽريليا ۾ شيڊول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ملتوي ٿي چڪو آهي.  2021 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ شيڊول آهي. پر اڃان تائين آءِ سي سي طرفان 22-2021 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزبان جو اعلان ناهي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ اڳيان هلي وئي آهي. ان ڪري پي سي بي بابر اعظم جي عهدي جي معياد ۾ به ورلڊ ڪپ تائين واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بابر اعظم ون ڊي جو به ڪپتان آهي ۽ هو پهريون ڀيرو زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو.

Read Previous

جوبائيڊن جي پاليسي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي: ڊونلڊ ٽرمپ

Read Next

مصباح الحق چيف سليڪٽر جو عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular