مورو: مورونا رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ، مريض پريشان

مورو )محمد انيس ڪلھوڙو ( گرينڊ هيلٿ الائنس پاران اختيار ڏھر ڊاڪٽر معشوق چانڊيو ڊاڪٽر قاسم ڀٽي منير سومرو علي گوھر کوسو ڀاۂي خان مسعود علي جي اڳواڻي م ڪورونا رسڪ الائونس ختم ڪرڻ جي خلاف  ٻئي  ڏينھن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو، خبر موجب ۾ گرينڊ هيلٿ الائنس پاران ڪورونا رسڪ الائونس ختم ڪرڻ جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن  ۽ ٻين چيو ته سيڪريٽري فنانس پاران ڪورونا رسڪ الائونس ختم ڪيو ويو آهي،جيڪو غلط عمل آهي،ڪورونا جي ڊيوٽي اسان اڄ ڏينهن تائين ڪري رهيا آهيون،ڪورونا سان جنگ جاري آهي ته پوءِ رسڪ الائونس ڇو ختم ڪيو ويو آهي،هنن مطالبو ڪيو ته صحت کاتي جي ملازمن جو رسڪ الائونس جاري رکيو وڃي.

Read Previous

سانگهڙ: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو

Read Next

سکر: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران ٻئي مرحلي واري اعلانيل مطالبن جي مڃتا لاء ريلي

Most Popular