سکر: سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران ٻئي مرحلي واري اعلانيل مطالبن جي مڃتا لاء ريلي

سکر(رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن پاران ٻئي مرحلي واري اعلانيل مطالبن جي مڃتا لاء ريلي۔ سکر بئراج کان  چيف انجنيئر سکر ۽ گڊو بئراج جي آفيسن تائين چيئر مين سنڌ خادم حسین کوسو. غلام سرور ڪانڌڙو، عبدالنبي جاگيراڻي، غلام فريد سروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين مطالبن جي مڃتا لاء سخت نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي ملازمن کي مراعاتن کان محروم رکيو ويو آهي ھنن چيو ته کاتي ۾ فوتي ڪوٽا۔ سن ڪوٽا۔هاء ڪورٽ جي حڪم مطابق 28971 ملازن کي ٽائم اسڪيل ڏنو وڃي آن لائن پينشن ڏيڻ سميت ايل بي او ڊي ۔آر بي او ڊي جي سينيئر ملازمن جون رهيل پگهارون جلد ادا ڪرڻ سان گڏ پڪو ڪيو وڃي ۔ اپ گريڊيشن ۽ ٻيون مراعتون ناھن ڏنيون ويون. يونين اڳواڻن چيو  ته سروس دوران فوت ٿيل ۽ ريٽارئرڊ ملازمن جي اولادن کي نوڪريون نه پيون ملن سنڌ حڪومت ننڍن ملازمن کان حق کسي رهي آھي انگريزن ۽محترمه شھيد جي دور ۾ سن ڪوٽا تي عمل ٿيندو هو پر موجوده پ پ جي سنڌ حڪومت محترمه شھيد جي ويزن کي وساري ڇڏيو آھي  جنھن ڪري فوتي ۽ ريٽائرڊ ملازمن  جي گھرن ۾ فاڪا ڪشي واري صورتحال آهي ھنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن جائز مسئلا فوري حل ڪري پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ واهن ۔ڪئنالن سميت بيئراجن جي ڪمن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو جيڪڏهن ڪوبه نقصان ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ حڪومت هوندي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج به جاري رهندو 21 آڪٽوبر تي ٽئين مرحلوار ريلي ڪڍي ويندي

Read Previous

مورو: مورونا رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ، مريض پريشان

Read Next

سکر ۾ سماجي تنظيم آء آر ايس پي صاف سٿري سنڌ پروگرام تحت هٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏينهن ملهايو

Most Popular