وزيراعظم عمران خان پاران ڪلثوم نواز جي ڪاميابي لاءِ اڍائي ارب خرچ ڪرڻ وارو معاملو منظر تي آڻڻ جي هدايت

عمران خان

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت جلسن جي اجازت ان ڪري ڏئي رهي جيئن مخالف ڌر سياسي انتقام جو ڪارڊ استعمال نه ڪري، هي جلسا ڪن يا ڌرڻا هڻن پر اين آر او نه ملندو. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر جي تحريڪ کان ڪا پريشاني ناهي، اڄ به مخالف ڌر کي اين آر او ڏئي ڇڏيان ته ڪا تحريڪ نه هلندي. عمران خان اين اي 120 جي ننڍي چونڊ ۾ اڍائي ارب رپين جي خرچ جو معاملو منظر تي آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان ننڍي چونڊ ۾ ڪلثوم نواز کٽي هئي. اسلام آباد ۾ حڪومتي ترجمانن جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جي جلسي جلوسن تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏين، جلسن جي اجازت ان ڪري ڏئي رهيا آهيون جيئن مخالف ڌر سياسي انتقام جو ڪارڊ استعمال نه ڪري. وزير اعظم جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پارٽيون پاڻ ئي عوام جي سامهون بي نقاب ٿينديون، عوام ڄاڻي ٿو ته سموريون پارٽيون پنهنجي مفادن جي لاءِ گڏ ٿيون آهن، ڌانڌلي جي جاچ لاءِ مخلصاڻي آڇ ڪئي پر مخالف ڌر طرفان ڌانڌلي جا ثبوت ئي پيش نه ڪيا ويا. وزير اعظم جو چوڻ هو ته هن پنهنجو سڄو ڌيان مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ معيشت جي بهتري ڏانهن ڏئي ڇڏيو آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي درآمد سان صورتحال بهتر ٿيندي، ذخيري اندوزن جي خلاف ڇاپا به هنيا پيا وڃن، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽ ٿي ويندي ۽ صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي. وزير اعظم اين اي 120 تي ڪلثوم نواز جي ڪاميابي لاءِ اڍائي ارب رپيا خرچ ڪرڻ وارو معاملو منظر تي آڻڻ جي هدايت ڪئي.

Read Previous

باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ مٿان وفاق جي قبضي خلاف شٽربند ھڙتال ڪئي وئي

Read Next

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ مهيني جي مهلت ملي وئي

Most Popular