باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ مٿان وفاق جي قبضي خلاف شٽربند ھڙتال ڪئي وئي

باڊھه : باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ مٿان وفاق جي قبضي خلاف شٽربند ھڙتال ڪئي وئي، ايس ٽي پي جي سڏ تي شھر جا مختلف ڪاروباري مرڪزي بند رھيا، جڏھن ته ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروھي، منور علي نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي مختلف علائقن جو گشت ڪري غازي چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت غيرقانوني صدارتي آرڊيننس ذريعي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي، وفاق جي اھڙي منصوبي کي سنڌي عوام ھرگز قبول نه ڪندو، سنڌ جا ٻيٽ صوبي جي ملڪيت آھن.

Read Previous

مٽياري جي نوجوان صحافي علي فيضان خاصخيلي جو چاچو شبير احمد (ابو) خاصخيلي ڪافي وقت کان بيمار رهڻ بعد 52 سالن جي عمر ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

وزيراعظم عمران خان پاران ڪلثوم نواز جي ڪاميابي لاءِ اڍائي ارب خرچ ڪرڻ وارو معاملو منظر تي آڻڻ جي هدايت

Most Popular