ٿائيلينڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو، ڪيترائي اپوزيشن اڳواڻ گرفتار

بئنڪاڪ:  ٿائي حڪومت پاران حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرن سبب ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مدي تائين ايمرجنسي لاڳو  ڪندي عوامي اجتماعن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ 3 وڏا اپوزيشن اڳواڻ جڏهن ته ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٿائي وزيراعظم پرايوتهه چن اوچها اها ايمرجنسي لاڳو ڪئي جنهن جو اعلان سرڪاري ٽي وي تي ڪيو ويو جنهن جي تحت ملڪ ۾ ميڊيا تي حساس خبرن جي اشاعت تي پابندي لڳائي وئي. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي محدود ڪيو ويو جڏهن ته فوج ۽ پوليس کي خصوصي اختيار ڏنا ويا آهن. ايمرجنسي جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سيڪيورٽي فورس اهم هنڌن جو ڪنٽرول سنڀاليندي حڪومت خلاف مظاهرن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڏي پيماني تي گرفتاريون شروع ٿي ويون آهن ته جيئن ڪافي عرصي کان هلندڙ احتجاجي مظاهرن کي روڪي سگهجي. گادي واري شهر بئنڪاڪ سميت ٿائيلينڊ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ سياسي   عدم استحڪام تي گذريل 4 مهينن کان حڪومت مخالف احتجاجي مظاهرا جاري آهن جنهن جي  اڳواڻي شاگردن ۽ نوجوانن جي هٿن ۾ آهي. مظاهرين موجوده وزيراعظم ۽ اڳوڻي آرمي چيف پرايوتهه کي استعيفيٰ ڏيڻ ۽ ٻيهر اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. پرايوٿ 2014 ۾ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌ و ڪري اقتدار  تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ ان کان پوءِ مبينه طور تي ڌانڌلي واري اليڪشن ڪرائي پاڻ وزيراعظم بڻجي ويهي رهيو هو.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان وڌڻ لڳو، پنجاب جا ٻه وزير به وائرس جو شڪار

Read Next

سانوري رنگ ۽ ٿلهي ماڻهن سان مذاق ڪرڻ ختم ڪريو: آمنه الياس

Most Popular