پاڪستان ۾ ڪورونا تيزي سان وڌڻ لڳو، پنجاب جا ٻه وزير به وائرس جو شڪار

لاهور:  پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌڻ سبب ٻه وزير به ڪورونا جو شڪار ٿي ويا.  رپورٽ موجب زراعت وارو وزير حسين جهانيان گرديزي ۽ صنعت، پيداوار وارو وزير ميان اسلم اقبال جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويا. ترجمان موجب صوبائي وزير حسين جهانيان گرديزي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ آئيسوليشن ۾ آهي جڏهن ته هن ڪورونا مان صحتيابي تائين سموريون  عوامي سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. پنجاب جو صنعت ۽ واپار وارو وزير ميان اسلم به ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هن پنهنجو پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.  صنعت ۽ واپار واري وزير جي طبيعت گذريل شام خراب ٿي هئي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا 755 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ متاثر ٿيندڙن جو گڏيل انگ 3 لک 21 هزار 218 ٿي ويو آهي.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 13 ڄڻا فوت  ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 6 هزار 614 ٿي ويو آهي.

Read Previous

اڳواڻن کي گرفتار ڪريو يا ڪارڪنن کي، حڪومت کي گهر ڀيڙو ضرور ڪنداسين: شيري رحمان

Read Next

ٿائيلينڊ ۾ ايمرجنسي لاڳو، ڪيترائي اپوزيشن اڳواڻ گرفتار

Most Popular