ترڪ صدر طيب اردوان آذربائيجان ۽ آرمينيا جو تڪرار حل ڪرائڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا

انقره:  ترڪي جي صدر طيب اردوان آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تڪرار جو مستقل حل ڪڍڻ جي لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن.  ترڪ ايوان صدر موجب روس جي صدر ولادي مير پيوٽن سان ٽيليفون تي رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن علاقائي مسئلن ۽ خاص طور تي آذربائيجان ۽ آرمينيا جي علاقائي تڪرار تي ڳالهيون ڪيون.  طيب اردوان روسي صدر تي واضح ڪيو ته آرمينيا نگورنو قرباخ تي پنهنجي 30 ساله قبضي کي مستقل شڪل ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ترڪي هن مسئلي جو پائيدار حل چاهي ٿو. ٻئي طرف روسي ايوان صدر ڪريملن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽون ٻنهي ملڪن جي جهڙپن ۾ وچ اوڀر مان ويڙهاڪن جي شرڪت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ماسڪو طرفان ٽياڪڙي جي اهميت تي زور ڏنو. واضح رهي ته نگورنو قرهه باخ ۾ آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ جاري چڪرين ۾ هينئر تائين 600 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي طرفان نگورنوقره باخ تي آذربائيجان جو حق مڃيو ويندو آهي پر گذريل 30 سالن کان هي علائقو آرمينيا جي عملداري ۾ آهي. 

Read Previous

ڇا هڪ سئو سال پراڻي ٽي بي جي ويڪسين سان ڪورونا جو علاج ممڪن آهي؟

Read Next

تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيوهڻ عبدالستار ميمڻ پاران مختلف اسڪولن جا اوچتا دورا،

Most Popular