نيوسعيدآباد : پ پ پ سپاف يوٿ هاري ڪميٽي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

نيوسعيدآباد (رپورٽ جبار عمراڻي) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري  جي حڪم تي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾َٿيندڙ پي ڊي ايم جي مرڪزي جلسي ۾ شرڪت جي سلسلي ۾  پ پ پ ضلعي مٽياري جو اجلاس پنج مورو ۾ پ پ پ تعلقي سعيدآباد جي صدر حاجي عبدالغني ميمڻ جي رهائشگاه ميمڻ هائوس تي ضلعي صدر علي حسين شاه ڄاموٽ جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ ضلعي مٽياري جي چيئر پرسن ميڊم شازيا عطاچانگ اطلاعات سيڪريٽري صائما عمراڻي نثار ساگر فاروق نوح پوٽو حاجي غني ميمڻ رجب زرداري محسن ڏاهري امداد علي پٺاڻ حاڪم شاه جان محمد ٻگهيو  قمر ميمڻ ٺاڪر شڪيل قائمخاني ريحان مغل قربان حاجاڻو عرشو ميرجت عبدالرحمان ميمڻ صاحب خان لاکو عامر وفا سميت پ پ پ سپاف يوٿ هاري ڪميٽي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي شھيد ڀٽو شھيد محترما بينظير ڀٽو مرحوم مخدوم امين فهيم سميت سمورن شھيدن لاء مغفرت جي دعا گهري ويئي. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته 18 آڪٽوبر ڪاساز سانحي واري ڏينهن تي پ پ پ پاران پي ڊي ايم جي منعقد ڪيل ڪراچي واري جلسي ۾ سوين گاڏين جي قافلي سان ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي ويندي

Read Previous

نوشهروفيروز:سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت علاج نه ٿيڻ ڪري ٻار سميت تڙپي تڙپي فوت

Read Next

اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جو دورو ،ٽائون انتطاميه کي صفائي سٿرائي ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ڊرينج سسٽم جي صفائي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي هدايتون

Most Popular