اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جو دورو ،ٽائون انتطاميه کي صفائي سٿرائي ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ڊرينج سسٽم جي صفائي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي هدايتون

مٽياري : اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي مٽياري عبدالمجيد زهراڻي شهر جو دورو ڪري ٽائون انتطاميه کي صفائي سٿرائي ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ڊرينج سسٽم جي صفائي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته شهرين کي سهولتون ڏيڻ انهن جو بنيادي حق آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جي غفلت، سستي ۽ لاپرواهي کي برداشت نه ڪيو ويندو، جڏهن ته لاپرواهي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. هن چيو ته شهر کي صاف سٿرو رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ صفائي جي عملي کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته اهي پنهنجي ڊيوٽي پابندي سان ڪن ۽ شهرين کي پڻ گهرجي ته اهي شهر کي صاف سٿرو رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر عبدالمجيد زهراڻي شهر جي مين بس اسٽاپ تي موجود ناجائز حد دخلين کي ختم ڪرائڻ جا پڻ احڪامات جاري ڪيا ۽ انهن مٿان ڏنڊ پڻ لڳايا، جڏهن ته قاضي خيرالبشر، دلشاد صبح پوٽو، غلام مصطفيٰ صدر، وزير ميمڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

Read Previous

نيوسعيدآباد : پ پ پ سپاف يوٿ هاري ڪميٽي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Read Next

18 آڪٽوبر تي ڪراچي ڪار ساز وٽ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت لاء سکر مان 200 کان وڌيڪ بسن ويگن ۽ ٻين گاڏين جا قافلا روانو ٿيندا

Most Popular