18 آڪٽوبر تي ڪراچي ڪار ساز وٽ ٿيندڙ جلسي ۾ شرڪت لاء سکر مان 200 کان وڌيڪ بسن ويگن ۽ ٻين گاڏين جا قافلا روانو ٿيندا

سکر(رپورٽ.امداد علي گل ڪلوڙ) 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ڪار ساز وٽ ٿيندڙ مخالف ڌر جي احتجاجي جلسي ۾ شرڪت لاء سکر مان 200 کان وڌيڪ بسن ويگن ۽ ٻين گاڏين جا قافلا روانو ٿيندا ـ جنھن ۾ پ پ پ سپاف يوٿ ونگ پيپلز ھاري ڪاميٽي پيپلز لائيرز فورم سميت ٻين پي ڊي ايم ۾ شامل سياسي پارٽين جا ھزارين ڪارڪن شامل آھن ـ پ پ سکر سٽي جي صدر مشتاق سرھئي صحافين سان ملاقات ۾ ٻڌايو ته  ملڪ ۾ مڙھيل آمريت ۽ سليڪيٽڊ پي ٽي آء  جي حڪومت خلاف پ پ پ سميت مخالف ڌر ۾ شامل سمورين سياسي پارٽين طرفان تاريخي  جلسي لاء تياريون مڪمل آھن ۽ انھيء ڏينھن کي يادگار بنائڻ لاء  تياريون اوج تي پھتل آھن ـ محترنا بينظير ڀٽو مٿان قاتلاڻي حملي واري ھنڌ ڪارساز وٽ ان جي ياد ۾ اھو احتجاجي جلسو ڪيو ويندو ـ

Read Previous

اسسٽنٽ ڪمشنر شهر جو دورو ،ٽائون انتطاميه کي صفائي سٿرائي ، اسٽريٽ لائيٽ ۽ ڊرينج سسٽم جي صفائي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي هدايتون

Read Next

مورو ڀرسان ڳوٺ م گھر جي ڀت ڪرڻ سبب پيرسن عورت پنھنجي معصوم پوٽي سميت دٻجي فوت

Most Popular