سکر: اڳوڻي وزيراعلي سنڌ سيد غوث علي شاه پنهنجي پٽن ۽ پوٽن جي ملڪيت تي پوليس ساڻ ڪري قبضو ڪرائي رهيو آھي

سکر(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعلي سنڌ سيد غوث علي شاه پنهنجي  پٽن ۽ پوٽن جي ملڪيت تي پوليس ساڻ ڪري قبضو ڪرائي رهيو آھي ۽ ايس ايس پي خيرپور ڏينهن رات ونگار پيو وهي ان حوالي سان سنڌ جي اڳوڻي وزيراعلي سنڌ سيد غوث شاه جي پٽ سيد شبيرحيدر شاه ۽ سندس پٽ سيد نواز علي شاه پنهنجي رهائشگاه تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڳوڻو وزيراعلي سنڌ ۽ منهنجو والد سيد غوث علي شاه ۽ اسان جي ماٽيلي امڙ پنهنجي ننڍي گهرواري ۽ اسان جي ماٽيلي پٽ سيد صفدر علي شاه جي چوڻ تي اسان جو جيئڻ زهر ڪري ڇڏي آھي ملڪيت جي ڪري منهنجو نوجوان پٽ ٻه مهينااڳ مبينا اغوا ڪرائي گم ڪري ڇڏيو اٿس پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسان کي خاموش رهڻ ۽ زمين ۽ گهر خالي ڪرڻ جون بااثر ماڻهن کان ڌمڪيون ڏياري رهيو آھي هنن چيو ته سيد غوث علي شاه لنڊن ؛ڪراچي ؛رحيم يارخان ۽ خيرپور واري ملڪيت تي قبضو ڪري ڇڏيو آھي جنهن ۾ پيئٽرول پمپ مارڪيٽس ۽ رهائشي بنگلا  آھن ۽ اسان پٽن کي حصو ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي رهيو آھي ۽ جڏهن ته ڳاڙهي موريء واري زرعي زمين ۽ گهر به اسان خالي ڪرائڻ ۾مصروف آھي ۽ خيرپور ضلعي جي ايس ايس پي کي ڳري رقم ڏئي گذريل رات اسان جي ڳاڙهي موريء واري حويلي تي پوليس جااٽالا موڪلي رات جي انڌيري ۾ چوديوار چادرمقدس مائمالڪري پوليس گهرن ۾ گهڙي ٻارڙن عورتن ۽مردن کي حراسان ڪري رکيو ۽ گهرن ۾ تلاشي جي بهاني سان گهرن ۾ پيل قيمتي سامان سونا زيور لکين روپيا روڪ رقم سميت ٻيو سان کڻي ويا ۽ اسان جا اوطاق تي ترسيل مزدورن سميت چار ڄڻا سيد علي رضاشاه رفيق احمد نعيم شيخ عبدالوحيد کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو اٿس ۽ اسان کي خدشو آھي ته اسان جي گهرن ۽ اوطاق تان کنڀيل مزودرن ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جڙتو پوليس مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندا هنن الزام هنيو ته سيد غوث علي شاه اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي اسان جي حصي ۾ آيل زمين ۽ گهر اوطاقن تي قبضو ڪري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ملڪيت تي قبضو ڪري وڪرو ڪري پنهنجي پٽ ۽اسان جي ماٽيلي ڀاء سيد صفدرشاه ۽ ماٽيلي ماء سان گڏجي لنڊن لڏي وڃڻ جا سانڀاه ڪري رهيو آھي هنن وڌيڪچيو ته ڇا اسان سيد غوث علي شاه جا پٽ سندس جي ملڪيت جا حصيدار نه آھيون ؟سڄي ملڪيت لنڊن ؛ڪراچي ؛رحيم يارخان؛توڙي خيرپور ۾ واري ملڪيت ته ڏنئي اٿس پر هاڻي ڳاڙهي موريء واري ملڪيت تي به قبضو ڪري انهن اسان جي ماٽيلي ڀاء ۽ امڙ کي نوازي پيو اها اسان سان سراسر ناجائزي آھي سيد نوازعلي شاه چيو ته اسان جو والد سيد شبيرحيدرشاه دل جي آزار ۾ مبتلا آھي ڪجهه به ٿيو ته ان جو ذميوار اسان جو ڏاڏو سيد غوث علي شاه ۽ اسان جي ماٽيلي ڏاڏي ۽ ماٽيلو چاچو سيد صفدرحسين شاه هوندو هنن چيو ته سيد غوث علي شاه پنهنجي هٿياربندن کان سنگين نتيجا ڀوڳڻجون ڌمڪيون ڏياري رهيو آھي ۽ اسان جي ڪنهن به ماڻهو کي جاني يا مالهي نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار سيد غوث علي شاه ۽ سيد صفدر شاه هوندا ۽ هنن چيف جسٽس  آف پاڪستان آرمي چيف وزيراعظم پاڪستان وزيراعلي سنڌ آئي جي سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو ته فورن اسان سان زيادتي ڪندڙ اڳوڻو وزيراعلي سنڌ سيد غوث علي شاه ۽ سندس پٽ سيد صفدرشاه ۽ گهرواري خلاف نوٽس وٺي قانون مطابق ڪاراوئي ڪئي وڃي ۽ اغوا ٿيل پٽ سيد قربان علي شاه کي آزاد ڪرايو وڃي

Read Previous

مورو ڀرسان ڳوٺ م گھر جي ڀت ڪرڻ سبب پيرسن عورت پنھنجي معصوم پوٽي سميت دٻجي فوت

Read Next

سانگهڙ ۾ 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

Most Popular