نيوسعيدآباد مان اغوا ڄاڻايل شادي شده عورت ڪورٽ ۾ پيش، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

نيوسعيدآباد ) رپورٽ جبار عمراڻي  (نيوسعيدآباد مان اغوا ڄاڻايل شادي شده عورت ڪورٽ ۾ پيش.مون رضا خوشي سان سليم رضا حاجاڻي سان شادي ڪئي آھي مونکي ڪنهن ب اغوا ن ڪيو آھي اڳوڻي ظالم مڙس کان مون پنج مهينا پهرين طلاق ورتي هئي.سميرا ملاح جو عدالت ۾ بيان. عورت مڙس حوالي پوليس گرفتار ڪيل سليم رضا ۽ انجي ڀاء کي آزاد ڪري ڇڏيو.تفصيل موجب ڪجھ ڏينهن پهرين نيوسعيدآباد ٿاڻي تي هڪ شادي شده عورت سميرا ملاح جي اغوا جي ايف آئي آر نيوسعيدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرائي ويئي پوليس ايف آئي آر ۾ نامزد ٽن ڄڻن هرهڪ سليم رضا،حاجاڻو وقار حاجاڻو ۽ شوال حآجاڻو مان ٻن ڄڻن هرهڪ سليم رضا ۽وقار کي گرفتار کي گرفتار ڪري اغوا ڄاڻايل سميرا ملاح کي هٿ ڪري ورتو.نيوسعيدآباد پوليس اڄ کيس نيوسعيدآباد جي سول جج مس حنا رشيد جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي عورت سميرا ملاح بيان ڏيندي چيو ت مون پنج مهينا پهرين  پنهنجي پوليس اهلڪار مڙس ساجد ملاح کان طلاق ورتي جو هو مون تي بي جا تشدد ڪندو هو ان کان پوء مون تازو سليم رضا ولد شوال حاجاڻو سان رضا خوشي شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آھي منهنجن مائٽن منهنجي اغوا جو جيڪو ڪيس داخل ڪرايو آھي اھو بلڪل غلط آھي آئون سليم رضا حاجاڻو سان گڏ وڃڻ چاهيان ٿي.عدالت بيان ڏيڻ بعد سميرا ملاح کي سليم رضا حاجاڻي جي حوالي ڪيو.پوليس کي سليم رضا ا۽ انجي ڀاء وقار حاجاڻو کي آزاد ڪرڻ ۽ کين تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.عدالتي حڪم تي ٻنهي کي آزاد ڪيو ويو.

Read Previous

راڻيپور : هٿياربندن سان مقابلو شروع ڪري ڏنو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ هٿياربند خيرپور جو رهائشي نالي اشرف ڦلپوٽو زخمي ٿي پيو

Read Next

سجاول: دڙي موري تي روڊ حادثو، 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

Most Popular