راڻيپور : هٿياربندن سان مقابلو شروع ڪري ڏنو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ هٿياربند خيرپور جو رهائشي نالي اشرف ڦلپوٽو زخمي ٿي پيو

راڻيپور  : راڻيپور پوليس کي هڪ خفيا اطلاع مليو ته سوڀوديرو طرف ويندڙ لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان هٿياربند بيٺل آهن پوليس اهڙي اطلاع کانپوء واقعي واري هنڌ پهچي هٿياربندن سان مقابلو شروع ڪري ڏنو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ هٿياربند خيرپور جو رهائشي نالي اشرف ڦلپوٽو زخمي ٿي پيو جڏهن ته انهئ دوران ٽي جوابدار فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا راڻيپور پوليس جي دعوا آهي ته گرفتار جوابدار اشرف ڦلپوٽو مٿان ڦر,چوري۽ پوليس مقابلي جا پندرهن کان وڌيڪ اڳ ۾ ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ۾ ڪيس داخل آهن پوليس گرفتار جوابدار سميت چار ڄڻن مٿان اي ايس آء ضياءالدين جوڻيجو جي فرياد تي گناه نمبر 103 2020 قلم 324,353تحت پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ عدالتي حڪم تحت جوابدار کي گمبٽ سب جيل موڪليو ويو

Read Previous

انڙ برادري جي ٻن گروپن ۾ زميني تڪرار جو فيصلو حاجي محمد خان جوڻيجو پاران ڪيو ويو هو

Read Next

نيوسعيدآباد مان اغوا ڄاڻايل شادي شده عورت ڪورٽ ۾ پيش، اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Most Popular