سوشل ميڊيا تي واهپيدار ماڊل آمنه الياس تي ڇو ڀڙڪي پيا؟

لاهور:پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل آمنه الياس اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي فيئرنيس ڪريم جي مشهوري ڪندڙن خلاف ڳالهيون ڪندي نطر اچي ٿي. آمنه الياس ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ وڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن اٽي سان ڀريل ٿيلي ۾ پنهنجو منهن وجهي ماڻهن کي پيغام ڏنو هو ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو. ان کان پوءِ آمنه لياس هڪ ٻي وڊيو به شيئر ڪئي جنهن ۾ هن باڊي شيمپنگ (يعني جسم جي بناوٽ کي مذاق بڻائيندڙن) کي هڪ پيغام ڏنو هو. هاڻ آمنه الياس جي سوشل ميڊيا تي موجود هڪ وڊيو ڪلپ پڻ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوءَ پاڻ سان صدف ڪنول کي هڪ ماڊل جو حليو سمجهائي رهي هئي ته جيئن هوءَ ان جو نالو سمجهي سگهي. ماڊل آمنه الياس جي پراڻي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هوءَ ماڊل آمنه حق جو حليو سمجهائڻ لاءِ باڊي شسيمپنگ جو سهارو وٺي ٿي ۽ جيئن ئي صدف ڪنول ماڊل آمنه حق جو نالو سمجهي وٺي ٿي ته ٻئي تاڙيون وڄائن ٿيون. ماڊل آمنه الياس واهپيدارن پاران ڪيل تنقيد بعد هڪ وڊيو به شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن واهپيدارن کان سوال ڪيو ته توهان ڇا ڳالهائي رهيا آهيو؟ موٽو ڪٿي آهي؟ ان ۾ ته مان آهيان ئي ڪون.

Read Previous

سليڪٽڊ وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي:بلاول ڀٽو

Read Next

ڪنهن ”انگلينڊ پلٽ“ کي چيف سليڪٽر ڪيو وڃي:انضمام الحق

Most Popular