سليڪٽڊ وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي:بلاول ڀٽو

لالا موسيٰ: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان ان ڪٽپتلي حڪومت کي تسليم ڪيون ته اها پاڪستاني عوام سان ناانصافي هوندي. لالا موسيٰ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته عمران خان ته چوندو هو ته اپوزيشن جيڪڏهن جلسا ڪندي ته جلسي لاءِ ڪنٽينر به ڏينداسين،پر هن کان ته هڪ جلسو به برداشت نه پيو ٿئي. هن جو چوڻ هو ته گوجرانوالا جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جا رستا روڪيا پيا وڃن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ڪرڪنن تي ظلم ۽ هنن جي گرفتاري جي مذمت ٿا ڪريون. بلاول ڀٽو چيو ته گوجرانوالا ۾ پاڪستان جي عوام جو سمنڊ جواب ڏيندو.

Read Previous

وزيراعظم پاڪستان ۾ دل جي اسٽنٽس تياري جو افتتاح ڪري ڇڏيو

Read Next

سوشل ميڊيا تي واهپيدار ماڊل آمنه الياس تي ڇو ڀڙڪي پيا؟

Most Popular