صحافي علي نواز ملغاڻي مٿان قاتلانو حملو حملي جي نتيجي ۾ صحافي پنهنجي ٻن سوٽن سميت سخت زخمي

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري) صحافي علي نواز ملغاڻي مٿان قاتلانو حملو حملي جي نتيجي ۾ صحافي پنهنجي ٻن سوٽن سميت سخت زخمي ۽ اسپتال منتقل خبر موجب ڳڙھي خيرو ويجهو دائو جهانپور ڏانهن صحافي علي نواز ملغاڻي پنهنجي ٻن رشتيدارن سان وڃي رهيو هو جن جي مٿان اچانڪ هٿياربندن حملو ڪري سخت زخمي ڪيو, زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال  متقل ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي علي نواز ملغاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون ايس ايڇ او تاجودير ۽ ڊي ايس پي دائون جاهنپور کي اگاهي ڏني هئي ته مونکي خطرو آهي پر پوليس لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مون مٿان اڄ حملو ٿيو. ان ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽس وٺي.

Read Previous

متحدا سني علماء ڪائونسل پاران علاما ڊاڪٽر عادل خان جا قاتل گر فتار ن ٿيڻ خلاف احتجاج

Read Next

ٽنڊو الهيار: مولانا عادل خان جي شهادت تي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال

Most Popular