ٽنڊو الهيار: مولانا عادل خان جي شهادت تي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار شھر ۾ مولانا عادل خان جي شھادت تي مختلف مذهبي جماعتن جي سڏ تي مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، تفصيل موجب 10 آڪٽوبر تي ڪراچي شھر ۾ نامعلوم ھٿيار بند دھشتگرد ھٿان شھيد ٿيندڙ اسڪالر مولانا عادل خان جي سلسلي ۾ پوري ملڪ جيان ٽنڊوالهيار ۾ بہ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ھئي ۽ روڊ توڙي شھر جون اھم ڪاروباري مرڪز بند ھئا، واضح رهي تہ علمائن پاران احتجاجي ريليون ڪڍيون ۽ تاجر برادري پڻ يڪجهتي جو اظھار ڪيو، ان کان علاوه ٽرانسپورٽ ماڻهن ۽ ڊرائيورن پڻ حمايت ڪئي، ھڙتال جي باعث حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ روڊن ۽ مارڪيٽن ۾ پوليس جو گشت جاري ھو

Read Previous

صحافي علي نواز ملغاڻي مٿان قاتلانو حملو حملي جي نتيجي ۾ صحافي پنهنجي ٻن سوٽن سميت سخت زخمي

Read Next

راڻيپور: رورل ھيلٿ سينٽر ڊاڪٽرن۽ پيرا ميڊيڪل جي عملي پاران مطالبن جي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ احتجاج علامتي بک هڙتال

Most Popular