وفاق ٻيٽن تي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري تان ڦري ويو، ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: وفاقي حڪومت ڀنڊار ٻيٽ جي 8 هزار ايڪڙ تي ترقياتي منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.سامونڊي معاملن واري وزارت موجب ڀنڊار آءِ لينڊ تي ترقياتي منصوبن جي لاءِ مقامي ۽ عالمي فرمز کي دعوت ڏني وئي آهي.وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ لينڊ ڊويلپمنٽ اٿارٽي ڳالهين واري فرمز لاءِ اشتهار جاري ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته جزيري تي ماسٽر پلاننگ، انجنيئرنگ، مالياتي معاملن جي جاچ لاءِ فرمز سان تجويزون به طلب ڪيون ويون آهن.سامونڊي معاملن واري وزارت موجب بااعتماد فرمز معاشي ۽ مارڪيٽنگ اسٽڊي جي لاءِ 15 ڏينهن ۾ درخواستون ڏنيون.

Read Previous

جشن عيد ميلادالنبيﷺ‎ جي سلسلي ۾ بلديه ايدمنسٽريٽر آفيس ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو

Read Next

پي ڊي ايم جلسو: مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جناح اسٽيڊيم پهچي ويا

Most Popular