پي ڊي ايم جلسو: مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جناح اسٽيڊيم پهچي ويا

گوجرانوالا : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ نائب صدر مريم نواز گوجرانوالا ۾ ٿيندڙ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي گاهه پهچي ويا. پنجاب جي ضلعي گوجرانوالا ۾ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ مريم نواز جاتي امرا کان قافلي جي صورت ۾ رواني ٿي، جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي گوجرانوالا پهتي آهي. جلسي گاهه پهچڻ تي اتي موجود پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن مريم نواز جو مانائتو آڌرڀاءُ ڪيو. ان کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به جلسي گاهه پهچي ويو، هو لاله موسيٰ کان گوجرانوالا پهتو، سندس قافلو مريم نواز جي قافلي کان ڪجهه دير پوءِ جلسي گاهه ۾ داخل ٿيو.

Read Previous

وفاق ٻيٽن تي خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري تان ڦري ويو، ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

گهرو وزارت جي 5 هزار 807 ماڻهن کي بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي سفارش

Most Popular