پاڪستان جا اڳوڻا رانديگر انگلينڊ جي رانديگرن جو استقبال ڪرڻ لاءِ بيچين

لاهور:  اڳوڻا رانديگر انگلينڊ جي ٽيم جو 15 سالن کان پوءِ استقبال ڪرڻ لاءِ بيچين آهن. پي سي بي ايندڙ سال جنوري ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ دوري جي دعوت ڏني آهي.  ان حوالي سان اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو  ته  انگلينڊ  جو مختصر دورو پاڪستان جي وڏي ڪاميباي هوندي. سيريز نه صرف شوقينن جي لاءِ دلچسپي جو مرڪز رهندي پر نوجوان رانديگرن جي  به ان سان همٿ افزائي ٿيندي. مان انگلينڊ جي بورڊ جي ڪم ڪار جو طريقو ڄاڻان ٿو. ان ميچن کي ممڪن بنائڻ جي لاءِ هڪ سال کان ڪم ٿي رهيو هو. هاڻ مثبت اڳڀرائي سامهون اچڻ خوشي جوڳو قدم آهي. راشد لطيف چيو ته انگلينڊ جو دورو اسان لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو.  هي سيريز پروگرام موجب ٿيندي. ڏکڻ آفريڪي ٽيم به کيڏي وئي ته ٻيهر آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ايندي. پاڪستان جو اميج به وڌيڪ بهتر ٿيندو. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته گذريل هڪ سال ۾ پرڏيهي ٽيمن سان گڏ پي ايس ايل ۾ به انٽرنيشنل رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت لاءِ ايندو. انگلينڊ جي ٽيم جو اچڻ پاڪستان ڪرڪيٽ جي لاءِ هڪ زبردست قدم هوندو. وڏين ٽيمن جو هتي اچڻ ضروري آهي. ان سان ملڪ کي فائدو ٿيندو. اميد آهي ته انگلينڊ جا رانديگر اسان جي مهمان نوازي مان به مزو ماڻيندا.

Read Previous

اسڪردو ۾ لينڊسلائيڊنگ سبب بس اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، سورنهن مسافر فوت

Read Next

ملڪ جي مشهور اداڪار فواد خان ۽ صدف جي گهر ٽئين ٻارڙي جي پيدائش

Most Popular