خيرپور ناٿن شاهه ويجهو وين کي باهه وڪوڙي وئي، مسافر محفوظ

خيرپورناٿن شاهه(رپورٽ:ذلفي ناٿن شاهي)انڊس ھاءِ وي تي مسافر وين کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڏسندي ڏسندي وين مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب وين رتوديرو کان ڪارساز جلسي ۾ شرڪت ويندڙ جيالن جي ھئي، جيڪا فني خرابي سبب بيھي وئي، جنھن تي ڊرائيور مسافرن کي لاھي گاڏي ٺھرائڻ لاءِ ويو، جتي مستري گاڏي کي ٺاھي رھيو ھو تہ وائرنگ مان باھ لڳي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڏسندي ڏسندي گاڏي مڪمل طور تي سڙي وييو. اطلاع تي فائربرگيڊ عملي پھچي گاڏي کي لڳل باھ تي ڪنٽرول ڪيو، ھوڏانھن پوليس پڻ واقعي ھنڌ پھتي.

Read Previous

ڄامشورو: نوري آباد ويجهو ڊمپر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت

Read Next

عدالت ڪيپٽن(ر) صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular