ڄامشورو: نوري آباد ويجهو ڊمپر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت

ڄامشورو: نوري آباد ويجهو سري روڊ تي ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع تي موٽر وي پوليس پهچي فوتين جا لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٿاڻو بولا خان منتقل ڪيا. فوتين جي سڃاڻپ نديم ولد لالو پالاري، ماجد ولد عيسو پالاري ۽ شير حسين ولد منظور پالاري طور ٿي آهي، ڊمپر ڊرائيور واقعي واري جاءِ تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻي جي اوٺا چوڪ ڀرسان حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻه ڄڻا فوت، هڪ زخمي

Read Next

خيرپور ناٿن شاهه ويجهو وين کي باهه وڪوڙي وئي، مسافر محفوظ

Most Popular