لاهور کي ٻارنهن سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ميزباني ملندي

لاهور: لاهور کي 12 سالن کان پوءِ پهرين ٽيسٽ جي ميزباني  ملڻ جو امڪان روشن ٿي ويو. شيڊول موجب مهمان ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي خلاف سيريز ۾ ڊگهي فارميٽ جو ٻيون ميچ قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪرايو ويندو. تفصيل موجب مارچ 2009 ۾ سريلنڪا جي ٽيم تي دهشتگردن جي حملي  ملڪ جي ميدانن کي  ويران ڪري ڇڏيو هو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي جو عمل لاڳيتو اڳيان وڌي رهيو آهي. بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون ڪراچي ۽ راولپنڊي ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏي چڪيون آهن.  ٻئي طرف لاهور کي پي ايس ايل سميت محدود اوورن جي مقابلن جي ميزباني جو موقعو مليو. البته گذريل 12 سالن کان هتي ڪوبه ٽيسٽ ناهي کيڏيو ويو. ذريعن موجب ڏکڻ آفريڪا کان جنوري ۾ سيريز جي مجوزه شيڊول ۾ هڪ ٽيسٽ قذافي اسٽيڊيم ۾ به رکيو ويو پاڪستاني ٽيم نيوزيلينڊ جي دوري کان پوءِ 12 جنوري تي ملڪ واپس ايندي. ترييتي ڪيمپ کان پوءِ پهريون ٽيسٽ 26 جنوري تي  ڪراچي ۾ شروع ٿيندو. ٻئين ميچ لاءِ لاهور ۾ ميدان تيار ٿيندو ٽئي ٽي ٽوئنٽي ميچ راولپنڊي ۾ کيڏيا ويندا.

Read Previous

صفدر کي ڪنهن گرفتار ڪيو اهو وساري ڇڏيو، سندس ڏوهه ڏٺو وڃي: شبلي فراز

Read Next

پب جي گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي پٽ پاران پيءُ مٿان ڇريءَ سان حملي کان پوءِ آپگهات جي ڪوشش

Most Popular