پب جي گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي پٽ پاران پيءُ مٿان ڇريءَ سان حملي کان پوءِ آپگهات جي ڪوشش

نئين دهلي: ڀارت ۾ پب جي راند کيڏڻ کان منع ڪرڻ تي پٽ عامر  ڪاوڙ ۾ اچي پيءُ عرفان جي ڳچيءَ تي تيز ڌار ڇريءَ سان وار ڪري پاڻ به آپگهات جي ڪوشش ڪئي.  ڀارتي ميڊيا موجب ميرٺ ۾ پب جي   گيم کيڏڻ کان روڪڻ ۽ دڙڪا ڏيڻ تي نوجوان پنهنجي پيءُ کي ڌڪو ڏئي ليٽائي ڇڏيو ۽ تيز ڌار ڇريءَ سان ذبح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گهر ڀاتين وڏي مشڪل سان پيءُ کي پٽ کان آزاد ڪرايو ۽ سخت زخمي حالت ۾ پيءُ کي اسپتال منتقل ڪيو.  ٻئي طرف پٽ به پاڻ کي تيز ڌار ڇريءَ جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. پيءُ ۽ پٽ ميرٺ ميڊيڪل ۾ علاج هيٺ آهن. جتي ٻنهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.  هوڏانهن گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته پٽ نشي جو  عادي آهي جنهن جو علاج ڪرايو پيو وڃي پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.  واضح رهي ته ڀارت ۾ پب جي  گيم تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر ڪجهه رياستن ۾ اڃان تائين پب جي تي ڪابه پابندي ناهي لڳائي وئي.

Read Previous

لاهور کي ٻارنهن سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ميزباني ملندي

Read Next

ڪورونا وائرس جو ٻيو حملو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو: ماهر

Most Popular