قائداعظم جي مزار تي نعريبازي: شوبز جي فنڪارن پاران صفدر مٿان سخت تنقيد

ڪراچي:    مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ڪيپٽن(ر) صفدر طرفان مزار قائد ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي شوبز جي فنڪارن ڪيپٽن صفدر مٿان سخت تنقيد شروع ڪري ڇڏي آهي. اداڪاره آمنه الياس انسٽاگرام تي پنهنجي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ان واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هاڻ سياست ۽ گٽر ۾ ڪوبه فرق ناهي رهيو.  ڪيپٽن(ر) صفدر قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي وڃي نعرا لڳائي رهيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو. اهڙي طرح جا قدم کڻي هي ماڻهو قائد کي اها عزت ڏئي رهيا آهن ڇا  هي پنهنجي والدين جي قبر تي وڃي مفاد جي خاطر  ميڙ لڳائي نعريبازي ڪندا آهن؟ ڇا اهڙي طرح جا ماڻهو اڳواڻ آهن. اداڪاره وينا ملڪ به پنهنجي ٽوئٽ ۾ سنڌ پوليس کي سلام پيش ڪندي چيو ته مزار قائد جي بي حرمتي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. نيشنل ايوارڊ يافته گلوڪار ۽ اداڪار فخر عالم ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته  جناب قائداعظم اوهان جي مزار جي بيحرمتي تي اسان به معذر خواهه آهيون.

Read Previous

ڪراچي جي شيرين جناح ڪالوني ۾ ڌماڪو، پنج ڄڻا زخمي

Read Next

باڪسر عامر خان پاڪستان جي سياست ۾ حصو وٺڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

Most Popular