مٽياري جي مرحوم ڏاڏو حاجي ھاشم سمون جي ايثال ثواب لاءِ پڳدار جاويد احمد سمون پاران محفل ميلاد مصطفا ﷺ جو شاندار اهتمام ڪيو

مٽياري (رپورٽر) مٽياري جي سيکاٽ ۾ سنڌ جي ناليواري شخصيت ڄام آف سنڌ مرحوم ڏاڏو حاجي ھاشم سمون  جي ايثال ثواب لاءِ  پڳدار جاويد احمد سمون پاران محفل ميلاد مصطفا ﷺ جو شاندار اهتمام ڪيو محفل ميلاد کي پاڪستان جي مشهور عالم دين علامه سائين حافظ غلام محمد سوهو پنهنجي نوراني خطاب ڪري سوين عاشقان رسول ﷺ جي دلين کي منور ڪيو جڏهن محفل ميلاد ۾ سنڌ جي مشهور نعت خوانن سميت مٽياري جي مقامي نعت خوانن پڻ حضور اڪرم ﷺ جي بارگاھ ۾ عقيدت جو گل نڇاور ڪيا محفل ميلاد ﷺ ۾ سوين عاشقان رسول ﷺ سميت مٽياري جي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سائين حافظ غلام محمد سوھو سمان برادريء جي پڳدار جاوید احمد سمون کي پڳ جو ور پڻ ڏنو، ٻئي طرف سمان برادريء جي پڳدار جاوید احمد سمون پڳدار ٿيڻ تي پنجاب جي صوبائي وزير انصار مجيد نيازي، صوبائي وزير پنجاب نعمان، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ،اڳوڻي ايم پي اي پنجاب ميان ڪامران، ايم پي اي پنجاب ميان شھزاد ڀٽو ۽ ٻين سيکاٽ پھچي کيس مبارڪ باد پيش ڪئي،

Read Previous

دفاع ۽ معيشت جي ڪمزوري سبب ڀارت طاقتور ملڪن جي لسٽ کان ٻاهر ٿي ويو

Read Next

قاضي احمد : ٽائون ڪاميٽي جي سوين ملازمن ۽ عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺا

Most Popular