دفاع ۽ معيشت جي ڪمزوري سبب ڀارت طاقتور ملڪن جي لسٽ کان ٻاهر ٿي ويو

Indian Prime Minister Narendra Modi, addresses people during the launch of digital India project in New Delhi, India, Wednesday, July 1, 2015. The initiative involves creating opportunities for all Indian citizens by harnessing digital technologies, to empower every citizen with access to digital services, knowledge and information. (AP Photo/Saurabh Das)

سڊني:  عالمي اداري جي سروي ۾ ڀارت کي ايشيا پيسفڪ جي چئن وڏن ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود وڏي طاقتن جي لسٽ مان ٻاهر ٿي ويو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آسٽريليا ۾  قائم عالمي اداري لوئي انسٽيٽيوٽ 2020 جي لاءِ ايشيا جو پاور انڊيڪس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڀارت گذريل سال جي مقابلي ۾ 40 پوائنٽ گهٽ حاصل ڪيا آهن.  اداري جو چوڻ آهي ته  آبادي جي اعتبار سان خطي جو ٻيون وڏو ملڪ هاڻ ايشيا پيسفڪ ۾ وچولي درجي جي طاقت بڻجي چڪو آهي. ڪورونا وائرس سبب خطي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڀارت جي ترقي ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي آهي.  رپورٽ موجب خطي ۾ آبادي ۽ ٻين حالتن جي اعتبار سان ڀارت چين جو مقابلو ڪري سگهي ٿو پر بدلجندڙ صورتحال ۾ ڀارت چين جي  ڀرپاسي ۾ به پهچي سگهي ان جا امڪان  به نظر نٿا اچن.  لوئي انسٽيٽيوٽ موجب ڀارت پنهنجي سفارتي اثر رسوخ ۾ ضرور واڌ ڪئي آهي پر  بچاءُ واري نيٽ ورڪ ۽ اقتصادي لاڳاپن جا ٻه اهڙا پيمانا آهن جن تي ڀارت جي ڪارڪردگي هيٺ آئي آهي. انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ ۾ خطي تي ڀارتي اثر رسوخ ۾ به گهٽتائي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن موجب ماضي ۾ ڀارت جي اثر هيٺ  نيپال  هاڻ چين ان سان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور ٿي چڪو آهي.   انسٽيٽيوٽ جي رپورٽ ۾ خطي  خطي تي ڀارتي اثر رسوخ ۾ به  گهٽتائي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. جنهن موجب ماضي ۾ ڀارت جي اثر هيٺ نيپال ۾ هاڻ چين ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بااثر ٿي چڪو آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تان پابندي ختم ڪئي وئي

Read Next

مٽياري جي مرحوم ڏاڏو حاجي ھاشم سمون جي ايثال ثواب لاءِ پڳدار جاويد احمد سمون پاران محفل ميلاد مصطفا ﷺ جو شاندار اهتمام ڪيو

Most Popular