ميهڙ : ڳوٺ وحدت ڪالوني ۽ ثاقب ڪالوني جا رهواسي ايس يو پي اڳواڻ پاران صفائي نه ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج ڪندي

ميهڙ رپورٽر(ميربابا)ميهڙ کڏ جي ڳوٺ وحدت ڪالوني ۽ ثاقب ڪالوني جا رهواسي ايس يو پي اڳواڻ سڪندر سوڍر حاجي خان چانڊيو حاجي اسحاق سوڍر عبدالمجيد کوسو صدام چانڊيو  ميهڙ انڊس هاء وي باء پاس تي سيڪريٽري يوسي گاهي مهيسر شاهنواز ملاح جي خلاف هڪ هفتي کان صفائي نه ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل، ان موقعي تي هنن سنڌ پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گذريل 20 ڏينهن کان صفائي نه ٿي رهي آھي روزانو ننڍڙا توڙي وڏا ماڻھو مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي رهيا آھن اسين ڊي سي دادو نيب اينٽي ڪرپشن ۽ ادارن کي پرزور اپيل ٿا ڪيون ٿا ته سيڪريٽري شاهنواز ملاح کي فوري طور هٽائي ۽ ان کي گرفتار ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو اڃان به وڌائينداسين.

Read Previous

قاضي احمد : ٽائون ڪاميٽي جي سوين ملازمن ۽ عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺا

Read Next

مٽياري : وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پليجاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular