مٽياري : وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پليجاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

مٽياري : وفاق پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي صدارتي آرڊيننس ذريعي ناجائز قبضي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران پليجاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.تفصیل موجب سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف ايس ٽي پي پاران پليجاڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن ڄام شوڪت ابڙو، حڪيم نوحپوٽو، رسول بخش سولنگي، لياقت سهتو، موسو لڙڪو ۽ ٻين چيو ته وفاق گهڻي عرصي کان سنڌ جا وسيلا لٽي رهيو آهي سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پهريون حق سنڌي ماڻهن جو آهي پر بدقسمتي سان گذريل 70 سالن کان خوشحال سنڌ جا نوجوان ڳڀرو پٽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن هاڻي ته حد ٿي وئي آهي سنڌ جي سرحدن سان به ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪئي وئي آهي عالمي قانون تحت سمنڊ توڙي ٻيٽن تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم ڪيو ويندو آهي پر افسوس هتي وفاق جي نالي تي اسان جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون سازشون سٽيون پيون وڃن سنڌ جي سرڪاري ادارن ۾ ٻاهرين ماڻهن جي لوڌ ڀرتي ڪئي وئي آهي هنن چيو ته جيسيتائين سنڌ ڌرتي جا حلالي پٽ زنده آهن مقتدر ڌرين جو اهڙو خواب پورو ٿيڻ نه ڏينداسين ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ماڻهو جاڳي اٿيا آهن سنڌ ترقي پسند پارٽي سموري سنڌ جي قيادت کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ورتو آهي ڪنهن به صورت ۾ ٻيٽن جو سودو ٿيڻ نه ڏينداسين

Read Previous

ميهڙ : ڳوٺ وحدت ڪالوني ۽ ثاقب ڪالوني جا رهواسي ايس يو پي اڳواڻ پاران صفائي نه ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج ڪندي

Read Next

سڪرنڊ: مھراڻ ڪالوني جي رھواسين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جو ون فائيو سڪرنڊ پوليس خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو

Most Popular