پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:   پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري جو ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچي ويو آهي. ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو اچڻ کان پوءِ پ پ اڳواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان احتياط ڪرڻ ضروري آهي. نيئر بخاري وڌيڪ چيو ته عوام ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرن(ايس او پي) تي عمل ڪرڻ ڇڏيو ته ڪيسن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين  نيئر حسين بخاري جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو هو. اڳوڻي سينيٽ چيئرمين نيئر حسين بخاري ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ بخار ٿيو، بخار کان پوءِ ڪورونا ٽيسٽ ڪرايو جيڪو پازيٽو آيو، ڪورونا کان پوءِ پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو نيئر حسين بخاري کي ٽيليفون ڪري ان جي خيريت پڇا ڪئي. بلاول چيو ته ڪورونا اڃان ختم ناهي ٿيو، احتياط لازمي آهي. احتياط جي ذريعي ئي ڪورونا کان بچي سگهجي ٿو.

Read Previous

ايف اي ٽي ايف جو اجلاس اڄ ٿيندو، مني لانڊرنگ روڪڻ جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو

Read Next

نوازشريف جي طلبي جو اشتهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران لڳايو ويو

Most Popular