نوازشريف جي طلبي جو اشتهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران لڳايو ويو

اسلام آباد:   اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طلبي جو اشتهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران لڳايو ويو آهي. رپورٽ موجب نوازشريف جي طلبي جو اشتهار اخبار ۾ شايع ٿيل اشتهارن کي پلاسٽڪ جي ڪوٽنگ ڪري عدالت جي گيٽ تي لڳايو ويو آهي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ العزيزيه اسٽيل ملز ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ طلبي جا ٻئي اشتهار عدالتي حڪمن جي روشني ۾ 2 انگريزي اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا هئا.  اشتهارن ذريعي نوازشريف کي 24 نومبر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي  وئي هئي. عدالت جي طلبي واري اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف کي 6 جولاءِ 2018ع تي 10 سال قيد ۽ 8 ملين پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته 19 سيپٽمبر 2018 تي نوازشريف جي سزا معطل ٿي ته هو جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيو. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ نوازشريف عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو پابند  هو.

Read Previous

پ پ اڳواڻ نيئر حسين بخاري ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

ميشا شفيع جي 4 سالن کان پوءِ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ واپسي

Most Popular