ميشا شفيع جي 4 سالن کان پوءِ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ واپسي

لاهور:  ڪوڪ اسٽوڊيو جي 4 سيزن جو حصو بنجندڙ گلوڪاره ميشا شفيع 4 سالن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر هن پليٽ فارم تي واپسي ڪري رهي آهي.  سال 2018 ۾ گلوڪار علي ظفر مٿان جنسي حراسمينٽ جو الزام لڳائڻ کان پوءِ ان حوالي سان قانوني جنگ وڙهندڙ ميشا جو هي پهريون وڏو پروجيڪٽ آهي. ميشا سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ان حوالي سان 2 ٽوئٽس ڪيا آهن. هڪ ۾ ڪوڪاڪولا طرفان سيزن 13 جي انائوسمينٽ لاءِ تيار ٿيندڙ ٽي وي سي شامل آهي جنهن ۾ مشهور پنجابي گيت(نيڙي آ ظالما وي) ميشا جي آواز ۾ ئي شامل ڪيو ويو آهي. ميشا مداحن کي سيزن 13 جي جلد شروعات جي خوشخبري ٻڌائيندي ٻئي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته مان ڪوڪ اسٽوڊيو 2020 ۾ واپس اچي رهي آهيان. ڪوڪا ڪولا جو نئون ميوزيڪل ٽي وي سي ڏسڻ کان پوءِ ئي شوقين سيزن 13 جا منتظر آهن. سڀني کان اڳ سال 2010 ۾ سيزن 3 ۾ ڪوڪ اسٽوڊيو جو حصو بنجندڙ ميشا 2 گيت(چوري چوري) ۽ )الف الله) تي پرفارم ڪيو هو. سيزن 5 ۾ به اقبال بانو جي ڳايل مشهور غزل دشت تنهائي گيت کان علاوه چڪوال گروپ سان گڏ ملي ڪلام(عشق آپ بهي اولا) تي پرفارم ڪيو هو.  ان کان پوءِ ميشا 2014 ۾ سيزن 7  جو حصو بڻجي ۽ ملڪه ترنم نور جهان جو گيت سن دي بلوري اکهه واليا) ڳايو هو. ياد رهي ته علي ظفر ميشا طرفان هراسمينٽ جي الزامن کي رد ڪندي سشن ڪورٽ لاهور ۾ هڪ ارب روپيه هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي هئي ان دعويٰ تي گذريل 2 سالن جي دوران ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن.

Read Previous

نوازشريف جي طلبي جو اشتهار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران لڳايو ويو

Read Next

اسرائيل ۽ متحده عرب امارات فري ويزا پاليسي تي اتفاق ڪري ورتو

Most Popular