سيوهڻ: آبپاشي عملدارن پاران 22 مهينا پگهارون نه ملڻ جي خلاف ريلي ڪڍي مظاهرو

سيوهڻ شريف رپورٽ (محمد حنيف شاهاڻي)سيوهڻ شريف ۾ آبپاشي عملدارن جو جائز مطالبا مڃتا ۽ ڪافي ملازمن جي 22 مهينا پگهارون نه ملڻ جي لاء پنهنجي آر بي او ڊي RBOD آفيس لڳ ڊگري ڪاليج سيوهڻ اڳيان ريلي ڪڍي  مظاهرو ڪري احتجاج ڪيو۔سنڌايريگشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن شهباز ايريگشن سيوهڻ ۽ آر بي او ڊي RBOD ڊويزن سيوهڻ جي طرف کان هيٺين مطالبن عمل نه ٿيڻ جي ڪري مسلسل 3 ٽن هفتن کان احتجاج جاري رکيو آھي ،خبر موجب اڄ سيوهڻ ۾ آبپاشي ملازمن ريلي ڪڍي  احتجاج ڪندي ميڊيا جي اڳيان ٻڌايو ته ايريگيشن منسٽر سهيل انور سيال .20.03.2017 تي اسان سان واعدو ڪيو هو ته توهان جي مليل چارٽ آف ڊمانڊ تي جلد عمل ڪيو ويندو ۽ توهان جا جائز مسئلا جلد پورا ڪيا ويندا ، وڌيڪ مظاهرين ٻڌايو ته هن وقت تائين ڪوبه اسان جي مطالبن تي عمل نه ٿيو آھي جنهن ۾ اسان جا مطالبا هي هئا 1.سن ڪوٽا ، 2۔ ملازم رٽائر ٿيڻ وقت گروپ انشورنس ڏنو وڃي ، 3.فوتي ملازمن جي اولادن لاء پراسز کي آسان ڪيو وڃي ، 4. ايريگيشن جي ملازمن کي صحت ڪارڊ ڏنو وڃي يا معياري پينل تي ڪنهن سٺي اسپتال مان علاج جي سهولت ڏني وڃي ، 5. سنڌ گورنمينٽ جي نوٽيفڪيشن مطابق آر بي اوڊي RBOD ۽ ايل بي او ڊي LBOD جي ملازمن کي ريگيولر ڪري رهيل 22 مهينن جون پگهارون ڏنيون وڃن ،  وڌيڪ ريليء کي خطاب ڪندي يونين اڳواڻن ارشاد علي سولنگي ، ، حسين بخش پنهور ، بخشل راهپوٽو ، حزب الله برهماڻي ، علي انور سولنگي ، رسول بخش قريشي ، لياقت علي ڳنڀير ، غلام شبير برهماڻي ، عبدالحڪيم سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاء پنهنجا سندرا ٻڌي نڪتا آھيون ۽ اڄ سڄي سنڌ هيڊ ڪوارٽرن ۾ پڻ  ريليون ڪڍيون وينديون  ۽ جيڪا به مرڪزي قيادت اڳتي لاء عمل تيار ڪيو اسان انهي تي عمل ڪنداسين۔

Read Previous

پ پ جي حڪومت ۾ لياري جو حال !!!

Read Next

گهوٽڪي مان امن جو پکي اڏامجي ويو، ابدامني عروج تي ، پورهيت عبدالجبار ڪلوڙ اغوا،

Most Popular