گهوٽڪي مان امن جو پکي اڏامجي ويو، ابدامني عروج تي ، پورهيت عبدالجبار ڪلوڙ اغوا،

سکر(رپورٽ. امداد علي گل ڪلوڙ)گهوٽڪي مان امن جو پکي اڏامجي ويو، ابدامني عروج تي ، پورهيت عبدالجبار ڪلوڙ اغوا، عادل پور پوليس آرامي  ،  مبينه اغوا   ڪرڻ خلاف  پاڪستان ڪلوڙ ويلفيئر اسوسيئشن جي  سرپرست اعلئ  چيف سردار عبدالواحد خان ڪلور  جي هدايت تي  چيئرمين ڊاڪٽر شمس الدين ڪلوڙ   جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو  ، ٽرڪيٽر ڊرائيور  پورهيت  عبدالجبار ڪلوڙ کي  بازياب  ڪرڻ جو مطالبوخبر موجب  گهوٽڪي عادل پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀورڙا ڪلوڙ جو رھواسي ٽرڪيٽر ڊرائيور پورهيت  عبدالجبار ڪلوڙ کي  چنگلاڻي ويجھو  مائنر بند وٽان نا معلوم ماڻھن پاران  مبينه اغوا  ڪرڻ  خلاف  پاڪستان ڪلوڙ ويلفيئر اسوسيئشن جي  سرپرست اعلئ  چيف سردار عبدالواحد خان ڪلور  جي هدايت تي پاڪستان ڪلوڙ ويلفيئر اسوسيئشن جي چيئرمين ڊاڪٽر شمس الدين ڪلوڙ   ،عبدالڪريم ڪلوڙ،عبدالرشيد ڪلور ۽ منير ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ڪلوڙ برادري پاران ايس ايس پي آفيس ٻاهران   احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته گهوتڪي مان امن جو پلي اڏامجي ويو آهي بدامني عروج تي ٿي وئي آهي ڪو به ماڻهون محفوظ ناهي اغوا جو وارداتو وڌي ويو آهن اسان جو پورهيت ٽريڪٽر ڊرائيور اغوا ٿي ويو آهي ان جو ڪو به پتو ناهي پئي سگهيو وارادات واري جاء تي خون پيل آهي ۽ لٺ به پئي آهي پر پورهيت جو ڪو به ڏس پتو ناهي پيو اسان جي گهرن ۾ ڳوٺن ۾  بيقيني واري صورتحال آهي پوليس ان مهل تائين خاموش تماشائي بڻيل آهي بس صرف آسرا ڏئي رهيا آهن اسان وزير اعلئ سنڌ مراد علي شاه کان    آئي جي  پوليس  سنڌ ۔۔ايڊيشنل آئي جي سکر ۔ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي  گهوٽڪي کان مطالبو ٿا   ڪريو  ته  پورهيت  عبدالجبار ڪلوڙ کي جلد  بازياب ڪرايو وڃي  ٻئي صورت ۾ پوري پاڪستان ۾ پاڪستان ڪلوڙ ويلفيئر اسوسيئشن ۽ ڪلوڙ برادري پاران  احتجاجي مظاهرن جو  جو دائرو  وڌايو ويندو ،

Read Previous

سيوهڻ: آبپاشي عملدارن پاران 22 مهينا پگهارون نه ملڻ جي خلاف ريلي ڪڍي مظاهرو

Read Next

قاضي احمد اسپيڪٽرم انسٽيٽيوٽ طرفان ڪيريئر ڪائونسلنگ پروگرام منعقد ڪيو ويو

Most Popular