سردار مکڻ دادا ۽ سميع الله ترڪ جي ميزباني هيٺ اي آر ايل ايس پاڪ آرمي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ

نيوسعيدآباد (رپورٽ جبار عمراڻي  ) سردار مکڻ دادا ۽ سميع الله ترڪ جي ميزباني هيٺ اي آر ايل ايس پاڪ آرمي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ نيوسعيدآباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾  16 ٽيمن حصو ورتو. فائينل تيمور راجپوت ڪلب ۽  فرحان راجپوت ڪلب وچ ۾ ٿيو.پهرين بيٽنگ ڪندي  تيمور  ڪلب 121 اسڪور ڪيو جوابي بيٽنگ ڪندي  فرحان  ڪلب  102اسڪور ٺاهي ڍير ٿي ويئي.فائينل تيمورڪلب  پنهنجي نالي ڪيو.مهمان خاص اي سي سعيدآباد زاهد جوڻيجو، عبدالجبار انور راجپوت،رئيس رحيم گل رند،امتياز ميمڻ،اسماعيل راجپوت،شفيع محمد ميمڻ،مبارڪ چانگ،لقمان ڪاڪا  ۽ ظفرالله ترڪ ونر ٽيم جي ڪپتان تيمور راجپوت کي ونر ٽرافي ۽ رنر ٽيم جو ڪپتان فرحان راجپوت کي رنر ٽرافي ڏني.مين آف دي ميچ  فائينل باسط مگسي کي خصوصي انعام ڏنو ويو جڏھن ت فائينل ۾ پهچندڙ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن کي اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو

Read Previous

عشق رسول هي ڇوٽڪاري جو واحد ذريعو آھي آقاﷺ جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪرڻ عشق رسولﷺ جي علامت آھي

Read Next

خيرپور ڀرسان اُڀڙي جي رهواسين غلام شبير بگٽي، محمد اسلم، محمد اڪرم پنهنجي امڙ نسيم بيگم ۽ ڀيڻ رابيل سان گڏ پريس ڪلب خيرپور ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي

Most Popular